علمي ٽاور

علمي ٽاور

علمي ٽاور

علمي ٽاور: سکر شهر ۾ عيدگاهه جي سامهون وارو ٽاور 1939ع ۾ تعليم عام ڪرڻ جي پيغام خاطر جوڙيو ويو. ان وقت سنڌ جي تعليم جي وزير پير الاهي بخش ‘جهالت ٽوڙ’ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن جي سلسلي ۾ ان وقت جي سکر جي ڪليڪٽر، مئي 1939ع ۾ پير الاهي بخش هٿان ‘علمي ٽاور’ جو سنگ بنياد رکايو. واپارين ۽ زميندارن جي مالي سهڪار سان هي ٽاور 1940ع ۾ ٺهي راس ٿيو. ٽاور جي تعميرات وقت اهو علائقو شهر جي ڀرسان هو، جيڪو اڄ به مٿاهين ٽڪريءَ جو ڏيک ڏئي ٿو. هن ٽاور جي اوچائي 110 فوٽ ۽ ويڪر 66 فوٽ آهي. ٽاور ۾ چئني طرفن کان گهڙيال لڳل آهن. ٽڪري تي خوبصورت پارڪ ۽ پاڻيءَ جو حوض پڻ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو